استحڪام پاڪستان پارٽي ايئرپورٽ تي نوازشريف جو استقبال ڪرڻ تي عون چوڌري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي استحڪام پاڪستان پارٽي جي ترجمان موجب عون چوڌري جي نواشريف سان اسلام آباد ايئرپورت تي ٿيندڙ ملاقات جو پارٽي سان ڪوبه تعلق نه آهي اهڙي معاملي تي عون چوڌري سان لکت ۾ وضاحت طلب ڪئي وئي آهي استحڪام پاڪستان پارٽي جي ترجمان چيو آهي ته جيڪڏهن عون چوڌري ذاتي حيثيت ۾ ويو آهي ته ان جي فوري طور تي وضاحت ڪري عون چوڌري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ياد رهي ته مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ميان نوازشريف ڇنڇر 21 آڪٽوبر تي چئن سالن جي جلا وطني کان پوءِ دبئي کان پرڏيهي ايئرلائين جي خصوصي چارٽرڊ فلائيٽ ايف زيڊ 4525 ذريعي پاڪستان پهتو هو. سينٽر اسحاق ڊار ۽ ٻين ليگي اڳواڻن اسلام آباد ايئرپورٽ تي ان جو استقبال ڪيو هو پر سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ وڊيوز ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري کي به رن وي ويجهو نوازشريف جو استقبال ڪندي ڏٺو ويو عون چوڌري نوازشريف سان هٿ ملايو ۽ گلي مليو جنهن کان پوءِ ٻنهي وچ ۾ ڪجهه ڳالهيون پڻ ٿيون. عون چوڌري نوازشريف جي هيليڪاپٽر جي دروازي تائين اڳواڻي ڪئي. ياد رهي ته عون چوڌري جو شمار استحڪام پاڪستان پارٽي جي پيٽرن ان چيف جهانگير ترين جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو آهي. ماضي ۾ هو پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي تمام گهڻو ويجهو ۽ ان جا سياسي ۽ ذاتي معاملا سنڀاليندو هو.