نوازشريف جي اڳوڻي پوليٽيڪل سيڪريٽري آصف ڪرماني(ن) ليگ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

  مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي اڳوڻي پوليٽيڪل سيڪريٽري آصف ڪرماني پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ(ن) تي تنقيد ڪندي آصف ڪرماني چيو ته مان ڪافي وقت کان پاڻ کي مسلم ليگ(ن) جي سياسي معاملن کان ڌار ڪري چڪو آهيان. آصف ڪرماني چيو ته عوام مهانگائي ۽ بجلي جي بلن سبب مري رهيو آهي. خوشامدي ٽولو سڀ ٺيڪ آهي چئي پنهنجي جان ڇڏائي رهيو آهي. آصف ڪرماني چيو ته نوازشريف صاحب! سڀ صحيح نه آهي. مان تمام جلد پنهنجو تفصيلي بيان جاري ڪندس.  سينئر سياستدان ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ شموليت جي باري ۾ ڪوبه اشارو نه ڏنو. ياد رهي ته آصف ڪرماني کي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  2013 ۾ پنهنجي حڪومت جي دور ۾ پنهنجو پوليٽيڪل سيڪريٽري مقرر ڪيو هو. هو اڳوڻي وزيراعظم جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو ۽ 2013 ۾ پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ مسلم ليگ(ن) جي چونڊ مهم دوران هن فعال ڪردار ادا ڪيو هو.