نوازشريف جي وزيراعظم شهباز ۽ وزيراعليٰ مريم نواز سان اهم ملاقات

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان ملاقات ڪئي آهي. ليگي ذريعن موجب مري ۾ ٿيندڙ مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻن جي ملاقات ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. نوازشريف ٻين پارٽي اڳواڻن سان به ڌار ڌار ملاقات ڪري مختلف معاملن تي مشاورت ڪئي ذريعن ٻڌايو آهي ته پارٽي صدر نوازشريف جي هدايتن بابت پارٽي اڳواڻن کي جلد آگاهه ڪيو ويندو. ياد رهي ته نوازشريف جي صدارت هيٺ(ن) ليگ مري ۾ اهم اجلاس سومر تي طلب ڪري رکيو هو پر محرم الحرم الحرام سبب اهو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.