) اڳوڻي نگران وفاقي وزير ۽ نوازشريف جي ويجهي ساٿي فواد حسن فواد کنڊ امپورٽ ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي هلندڙ ڏينهن ۾ کنڊ جي قيمت ۾ رڪارڊ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، ڪيترن ئي شهرن ۾ کنڊ 200 روپيه يا انهي کان به وڌيڪ قيمت تي وڪرو ٿي رهي آهي حڪومت کنڊ جي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن جو باقاعده ٽينڊر به جاري ٿي چڪو آهي انهي حوالي سان اڳوڻي نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ حڪومتي فيصلي جي مخالفت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته 30 ڪروڙ ڊالر جي کنڊ امپورٽ ڪرڻ جي فيصلي تي فوري نظرثاني ڪئي وڃي فواد حسن فواد چيو ته کنڊ جو سڀني کان وڏو صارف عام ماڻهو نه پر فوڊ ۽ بيوريجز انڊسٽري آهي، انهن ئي ماڻهن پهريان کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جا آرڊر ورتا، هاڻ امپورٽ به ساڳيا ماڻهو ڪري رهيا آهن اڳوڻي نگران وفاقي وزير چيو ته انهن ئي ماڻهن پهريان قيمتن جي هيٺ مٿانهين ۽ پوءِ ايڪسپورٽ مان ڳرو منافعو ڪمايو آهي. فواد حسن فواد چيو ته قيمتن کي ڪنيٽرول ڪرڻ ۾ حڪومتي ناڪامي کنڊ امپورٽ ڪرڻ جو جواز نٿو ٿي سگهي. هن اهو سوال به ڪيو ته جن ماڻهن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني انهن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي ۽ انهي سموري معاملي ۾ ايف بي آر ڪٿي غائب آهي.؟