پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ايون فيلڊ ۽ العزيزه ريفرنس ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي نوازشريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي استدعا ڪئي آهي ته سرنڊر جي لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي. ڪيسز کي منهن ڏيڻ چاهيان ٿو. عدالت تائين پهچڻ جي لاءِ گرفتاري کان روڪيو وڃي نوازشريف حفاظتي ضمانت جي درخواست اڄ ئي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو آهي ته نوازشريف 21 آڪٽوبر تي اسپيشل فلائيٽ ذريعي اسلام آباد پهچندو. عدالت تائين پهچڻ جي لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي.