اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته 100 ڀيرا چئي چڪو آهيان ته مان چونڊن ۾ حصو نه وٺندس، نوازشريف سان ڪوبه رابطو نه ڪيو آهي نه وري ڪرڻ جي ضرورت آهي احتساب عدالت اسلام آباد جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته 4 سالن کان ڪيس نيب ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. ان دوران هڪ به گواهه نه آيو ۽ ڪيس به نه هليو. 4 سالن کان هڪ ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ لاءِ نيب جي عدالتن ۾ بيٺل آهيان هن چيو ته ڇا اڄ جي نيب چيئرمين کي اها به خبر نه آهي ته ماڻهن جون زندگيون تباهه ٿي رهيون آهن؟ اڄ هن ملڪ ۾ جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي ان جو حساب ڪير ڏيندو. اڄ اسان جي ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ رات جو دير سان کلندي آهي ۽ فيصلا ڪندي آهي. سپريم ڪورٽ کي انهن ماڻهن جو احساس ڇو نه آهي جن جا فيصلا سالن کان عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن شاهد خاقان عباسي چيو ته 14 سال گهٽ وقت نه هوندو آهي تڏهن وڃي انصاف ملي ٿو. 15 سالن کان پوءِ سڀ چون ٿا ته انصاف ملي ويو پر انهي بي انصافي جو جواب ڪير ڏيندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته وزيراعظم، چيف جسٽس ۽ اليڪشن ڪمشنر چئي رهيو آهي ته چونڊون ٿينديون جڏهن ته مان 100 ڀيرا چئي چڪو آهيان ته مان چونڊن ۾ حصو نه وٺندس. شاهد خاقان وڌيڪ چيو ته جنهن ليول پليئنگ فيلڊ مان تحريڪ انصاف اقتدار ۾ آئي هئي اڄ به ساڳيون حالتون آهن هوڏانهن احتساب عدالت اسلام آباد ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي خلاف ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد بشير جي آڏو ٿي جنهن ۾ شاهد عباسي جو وڪيل پيش ٿيو ۽ استدعا ڪئي ته سپريم ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل لڳل آهي فيصلي ٿيڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي ايل اين جي ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سميت گڏيل طور تي 15 جوابدار شامل آهن عدالت گذريل ٻڌڻي تي غير حاضر جوابدارن کي ٻيهر طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا هئا جنهن کان پوءِ شاهد خاقان عباسي عدالت پهچي ويو ۽ پنهنجي حاضري لڳرائي. احتساب عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 13 فيبروري 2024 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.