برطانوي اخبار(دي گارڊين) موجب عام چونڊن 2024 ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ميان نوازشريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو دي گارڊين طرفان پاڪستان جي موجوده اليڪشن بابت سياسي تجزيه ڪارن جو حوالو ڏنو ويو آهي. خبرون ڏيندڙ اداري موجب 2024 جي چونڊن ۾ نوازشريف وزيراعظم بڻجندو جيڪو عمران خان کان بهتر وزيراعظم ٿيندو دي گارڊين موجب نوازشريف آمريڪا، چين ۽ ڀارت سان لاڳاپا ٻيهر بهتر بنائي سگهي ٿو جنهن کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دور ۾ سخت نقصان پهتو هو ئي طرف رائل يونائيٽيڊ سروسز انسٽيٽيوٽ نالي برطانوي ٿنڪ ٽينڪ به معيشت ۽ پرڏيهي ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري جي لاءِ نوازشريف کي پنج سال وزيراعظم ضروري قرار ڏئي ڇڏيو آهي برطانوي ٿنڪ ٽينڪ پنهنجي تجزين ۾ چيو آهي ته نوازشريف هڪ ڪاروباري ماڻهو آهي جيڪو مارڪيٽن ۽ پاڪستان کي قرض ڏيندڙن کي گڏ رکڻ جي ضرورت کي سمجهي ٿو.