اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي بابت نوزشريف ۽ آصف زرداري تاريخ جي سڀني کان وڏي غلطي ڪرڻ وڃي رهيا آهن. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته دهشتگردي جي انت واري عدالت جي معزز جج تي عدم اعتماد آهي، دنيا پاڪستان ۾ انساني حقن جي خلاف ڀڃڪڙين کي ڏسي رهي آهي هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته اوهان پي ٽي آءِ باني کي 14 مهينا جيل ۾ رکيو آهي، ڪهڙو فرق پوندو، بيٽ جو نشان ڦريو ويو، ڪهڙا ڪهڙا نشان ڏنا ويا پر ان باوجود عوام کيس ووٽ ڏنو هن چيو ته جنهن کي ڊجيٽل دهشتگردي چئي رهيا آهن اها پي ٽي آءِ طرفان نه پئي ٿئي، ڊجيٽل دهشتگردي پي ٽي آءِ نه پئي ڪري پر اها پرڏيهه مان ٿي رهي آهي. فواد چوڌري چيو ته ڪابينه جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي جو ڪم اڄ ڪيو پيو وڃي. نوازشريف ۽ آصف زرداري تاريخ جي سڀني کان وڏي غلطي ڪرڻ وڃي رهيا آهن، اوهان انهي غلطي کان پوءِ ڪنهن کي به منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهندو. هن چيو ته اوهان نه سپريم ڪورٽ کي مڃي رهيا آهيو نه ئي ڪنهن قانون کي، رئوف حسن ۽ احمد کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، عدالت سان جهيڙو، عوام سان جهيڙو، معيشت تباهه آهي اڃان ته شروعات آهي پر ايندڙ ڏينهن ۾ ماڻهو رڙيون ڪندا. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان(ٽي ٽي پي) سميت ٻين پارٽين جي ڪنهن به صورت ۾ حوصله افزائي نه ٿيڻ گهرجي.