نوازليگ جو آخري اقتدار آهي، پوءِ اها پنجاب جي ايم ڪيو ايم بڻجي ويندي: فيصل واوڊا

اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) جو هاڻ شارٽ فارم هجڻ گهرجي، پنجاب جي ايم ڪيو ايم(ٽو) ن ليگ جو هي آخري اقتدار آهي، پيپلز پارٽي جو پورو جسم ڪڙاهي ۾ آهي نجي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته روزاني هڪ لفافو کوليو وڃي پر انهن کي لڳي ٿو ته 8 ڏينهن ۾ مخلوط حڪومت بڻجي ويندي. سياسي ۽ جمهوري طور تي اهي مئل آهن حالتن ۽ واقعن جي ڪري ڊيڊ لاڪ اڃان تائين برقرار آهن فيصل واوڊا چيو ته حڪومت ٺاهينداسين اقتدار جا به مزار وٺنداسين، رٽائرڊ اڳواڻن جو ته اوهان مزو وٺي ڇڏيو آهي پر قوم اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اوهان ڪٿي بيٺل آهيو ۽ اوهان جي اوقات ڇا آهي؟ اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اوهان (ن) ليگ جي ڪري دانهون ڪري رهيا آهيو، ڪنڊن جو تاج اوهان انهن کي پارائي ڇڏيو آهي، ڪنڊن جو تاج ن ليگ جي مٿي تي نه، پر ڪرسي تي رکيو ويو ۽ چيو ويو ته انهي تي ويهو، جنهن کان پوءِ جهٽڪو به لڳو ۽ دانهن به نڪتي هن چيو ته پيپلز پارٽي جو مٿو، آڱريون ۽ جسم ڪڙاهي ۾ آهي. (ن) ليگ پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم ٿي ويندي، اها هاڻ هر ڪنهن سان سيٽ ٿي ويندي ڪجهه دير هلندي پوءِ ويهي رهندي. هي(ن) ليگ جو آخري فيوچر آهي. مولا جٽ جي سياست نٿي هلي سگهي.