عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته نواز شريف سيپٽمبر جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان ايندو ۽ چونڊ مهم هلائيندو. تفصيل موجب جيو نيوز جي پروگرام ”جيو پاڪستان“ ۾ ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ عرفان صديقي چيو ته جڏهن حڪومت وڃڻ شروع ٿئي ٿي ته ڪيترائي وساريل ڪم ياد اچي وڃن ٿا، بجلي جي بلن ۾ واڌ سٺي ڳالهه ناهي هي مسلم ليگ جا بل نه پر پي ڊي ايم بل هئا، منهنجو بل 14 مهينن کان غائب آهي، اها منهنجي ملڪيت هئي. هن چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ پنهنجي توهين جي ذميواري پاڻ نه کڻي سگهي ته پوءِ ڪنهن ٻئي کي ڇا ڏيندي؟ ن ليگ اڳواڻ عرفان صديقي جو چوڻ هو ته نواز شريف سيپٽمبر جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان ايندو ۽ چونڊ مهم هلائيندو نواز شريف چاهي ٿو ته اليڪشن ۾ دير نه ٿئي، مسلم ليگ ن جي سربراهه جو چوڻ آهي ته چونڊون هن سال ئي ٿينديون ياد رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله انڪشاف ڪيو هو ته نواز شريف جي پاڪستان واپسي واري معاملي تي ضمانت ملي وئي آهي. هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف کي عدالتن مان بري ڪيو آهي ۽ ان لاءِ خطرو صفر آهي، جڏهن ته ان معاملي تي اسان کي ضمانت به ملي آهي. راڻا ثناءُ الله انڪشاف ڪيو ته مئي 2022ع ۾ چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ٿي چڪو هو ۽ وزيراعظم جي الوداعي تقرير به تيار هئي پر پي ٽي آءِ چيئرمين جي تقرير کانپوءِ حڪمت عملي تبديل ڪندي اليڪشن نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ عدالت مان رليف ملڻ مشڪل آهي جڏهن ته اليڪشن جي تاريخ اڳتي وڌي وئي ته اسٽيبلشمينٽ بورڊ تي آهي. جڏهن ته ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف اعتراف ڪيو ته شهباز شريف ۽ اتحادي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي.