اسلام آباد: قومي اسيمبلي نواز ليگ جي صدر شهباز شريف کي 16 هون قائد ايوان ۽ ملڪ جو 24هون (نگران وزيراعظمن کي گڏائي مجموعي طور تي 33هون) وزيراعظم چونڊي ورتو قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار ياز صادق قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي لاءِ چونڊ نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته شهباز شريف 201 ووٽ کڻي وزيراعظم پاڪستان چونڊجي ويو، جڏهن ته ان جي مخالف ۾ بيٺل اميدوار عمر ايوب خان 92 ووٽ حاصل ڪيا،قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ چونڊجي ويل وزيراعظم شهباز شريف خطاب ڪري رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي خطاب دوران مسلسل مخالف ڌر جي ميمبرز طرفان احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو پيو وڃي