نيب چيئرمين مقرري معاملو: پي ٽي آءِ ايم اين ايز جي بحالي وارن حڪمن جو رڪارڊ طلب

لاهور :هاءِ ڪورٽ نيب چيئرمين جي فوري مقرري روڪرائڻ جي درخواست تي پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ميمبرن جي بحالي وارن حڪمن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس رضا قريشي نيب چيئرمين جي فوري مقرري روڪرائڻ لاءِ شهري طرفان داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب چيئرمين پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ نئين نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ اپوزيشن اڳواڻ راجا رياض سان مشاورت نٿي ڪري سگهجي.درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته راجا رياض جي اپوزيشن اڳواڻ مقرري خلاف درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرز جي رڪنيت بحال آهي ان ڪري نئين اپوزيشن اڳواڻ جي مقرري تائين نيب چيئرمين جي مقرري کي روڪيو وڃي. عدالت صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم کي نئين نيب چيئرمين جي مقرري کان روڪي.عدالت درخواست تي مختصر ٻڌڻي کان پوءِ تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ميمبرن جي بحالي وارن حڪمن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو ۽ 6 مارچ تي سمورو رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.