نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب نيوزيلينڊ جي ٽيم 14 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي وئي آهي، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٻه ٽي 20 ميچون 25 ۽ 27 اپريل تي لاهور ۾ کيڏيون وينديون. ياد رهي ته ڪپتان ڪين وليمسن ۽ مچل سينٽنر پاڪستان ۾ سيريز کيڏڻ بدران انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.