نيوزيلينڊ جي ڪولن مـنرو عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽر ڪولن مـنرو ورلڊڪپ 2024ع جي اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿيڻ کانپوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نيوزيلينڊ جي بيٽسمين ڪولن منرو 123 انٽرنيشنل مئچز ۾ پنهنجي ٽيم جي نمائندگي ڪئي. ڪولن منرو 35 ٽي ٽوئنٽي مئچز، 57 ون ڊي ۽ هڪ ٽيسٽ مئچ ۾ نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ هن مجموعي طور 3 هزار کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون ۽ 7 وڪيٽون حاصل ڪيون.