نيوسعيدآباد جي ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا ۾هٿياربندن پاران ڪاھ ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيل ٻن سڳن ڀائرن واري واقعي ۽قتل ۾ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ تي ايس ايس پي مٽياري خلاف مقتولن جي وارثن ۽سوين ڳوٺاڻن پاران قومي شاهراهه تي ٽائر ساڙي روڊ کي ٻنهي طرفن کان بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ بند ٿي وئي، ڌرڻي دوران ايس ايس پي ۽ قاتلن خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا ۾ڪجهه ڏينهن پهرين هٿياربندن ڪاھ ڪري ٻن سڳن ڀائرن شوڪت علي ڪاڪا ۽محبوب علي ڪاڪا کي گولين جو کاڄ بڻائي قتل ڪيو هو جنهن واقعي جو قتل ڪيس سندن برادري جي ڳوٺ بچل ڪاڪا واسين قمرالدين ڪاڪا، نورالدين ڪاڪا، صلاح الدين ڪاڪا خلاف داخل ڪيو ويو هو احتجاج ڪندڙ مقتولن جي ڀاءُ علي شير ڪاڪا، سڪندر ڪاڪا ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جوابدارن سان ٻُٽ بڻيل آهي، ايس ايس پي مٽياري ڪليم ملڪ جوابدارن کي گرفتار ڪرائڻ بدران انهن جي پشت پناهي ڪري رهيو آهي جنهن سبب وڌيڪ خونريزي جو امڪان آهي، هنن چيو ته قاتل اسان ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي پريشان ڪري رهيا آهن، هنن آئي جي سنڌ پوليس، آرمي چيف ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.