نيوسعيداباد ۾ پرائمري استاد کي نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

نيوسعيد آباد : ڳوٺ جمال ڏاهري واسي پرائمري استاد اسڪول ويندي نامعلوم هٿياربندن هٿان بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، پرائمري استاد الھ رکيو ولد اللھ بخش ڏاھري ڳوٺ سعيد خان لغاري جي پرائمري اسڪول ۾پڙهائڻ لاءِ نڪتو ته ڳوٺ ڀرسان نامعلوم هٿياربندن مٿس حملو ڪري تيز اوزار سان ڳلو ڪپڻ بعد مٿس فائرنگ ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا، فائرنگ جي آوازن تي ڳوٺاڻا پهچي ويا جن پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾وٺي ڇڏيو.واقعي جو ڪارڻ پراڻو دشمني تڪرار ٻڌايو پيو وڃي، معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه سال پهرين مقتول ڌر جي ماڻهن سندن ئي ڳوٺ جي ويجهن رشتيدارن جو قتل ڪيو هو جنهن جي پلاند ۾استاد الھ رکيو ڏاھري کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي.