نيٽ فلڪس جي نئين سيريز 38 سال پراڻو لوڪربي سانحو ٻيهر ياد ڏياري ڇڏيو

نيٽ فلڪس جي نئين سيريز 38 سال پراڻو لوڪربي سانحو ٻيهر ياد ڏياري ڇڏيو

نيٽ فلڪس دنيا جي سڀ کان هولناڪ هوائي سانحن مان هڪ “دي بامبنگ آف پين ايم 103” تي ٻڌل نئين سيريز جو ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن رليز کان اڳ ئي ناظرين جي وڏي توجهه حاصل ڪري ورتي آهي.

حقيقي واقعن تي ٻڌل هن سنسني خيز سيريز ۾ 38 سال اڳ پيش آيل لوڪربي بم ڌماڪي ۽ ان سان لاڳاپيل جاچ کي نئين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. ٽريلر ۾ اهڙا منظر ۽ پهلو ڏيکاريا ويا آهن، جيڪي شروعات کان ئي ڏسندڙن کي پنهنجي طرف متوجه ڪن ٿا.سيريز ۾ جاچ جا اهم مرحلا، مختلف انڪشاف ۽ سانحي سان لاڳاپيل حقيقتون ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪيون وينديون، جنهن سبب اها رليز کان اڳ ئي بحث جو مرڪز بڻجي وئي آهي.لوڪربي بم ڌماڪو دنيا جي تاريخ جي بدترين هوائي سانحن مان هڪ ليکيو ويندو آهي، ۽ هي نئين سيريز هڪ ڀيرو ٻيهر ان المناڪ واقعي کي عالمي سطح تي بحث جو موضوع بڻائي ڇڏيو آهي.