نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) اوور بلنگ تي 3 سال قيد جي سزا جو بل منظور ڪري ورتو. توانائي واري وزارت موجب قومي اسيمبلي ڊسڪوز ۾ اوور بلنگ تي قانونسازي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي نيپرا ذريعن موجب ايف آءِ اي طرفان بنا ڪنهن سبب جي حراسان ڪرڻ کان بچڻ جي لاءِ روليز ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ايف آءِ اي صرف نشاندهي ڪندي، آفيسرن کي گرفتاري جو اختيار نه هوندو. ٻئي پاسي توانائي واري وزير اويس لغاري چيو آهي ته نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم سان هڪ ٻيو واعدو ڪري ڏيکاريو، انهي شق سان اووربلنگ ۽ غلط بلنگ ڪندڙ آفيسرن جون گرفتاريون ٿي سگهنديون. ايف آءِ اي نه، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي اووربلنگ تي ڪارروائي ڪندي.