نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ متحده عرب امارات(يو اي اي) جي 3 ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نگران وزيراعظم 26 کان 28 نومبر تائين پنهنجي دوري دوران متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد سان ملاقات ڪندو پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته اها ملاقات سياسي، اقتصادي، واپار، سرمائيڪاري، ثقافتي، دفاع ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ لاڳاپن سميت ٻين شعبن ۾ بطرفن لاڳاپن کي اڳيان وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪندي بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهي دوري ۾ پاڪستان ۽ متحده عرب امارات وچ ۾ توانائي، پورٽ، آپريشنز جي منصوبن، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪ، ڪان ڪئي، ايوي ايشن ۽ بينڪنگ اينڊ فنانشنل سروسز جي شعبن ۾ سرمائيڪاري ۾ تعاون سميت مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون.