نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڄام ڪمال ۽ علي مردان ڊومڪي ملاقات ڪئي

بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال هتي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪري کيس وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ڄام ڪمال وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ سان ملاقات ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ڄام ڪمال جو شڪريو ادا ڪيو، علي مردان ڊومڪي به ملاقات ڪئي ۽ نگران وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.