نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 14 آگسٽ تي عهدي جو حلف کڻندو

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 14 آگسٽ يوم آزادي جي ڏهاڙي تي حلف کڻندو گذريل ڏينهن بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو جنهن جي سمري تي صدر عارف علوي به صحيح ڪري ڇڏي هئي وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ نگران وزيراعظم جي حوالي سان مشاورت جو ٻيو دور ٿيو جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف لاهور روانو ٿي ويو هو انوارالحق ڪاڪڙ کي وزيراعظم جو پروٽوڪول ملي ويو آهي. نگران وزيراعظم جي مقرري کان پوءِ شهباز شريف وزيراعظم هائوس خالي ڪري پنهنجو ذاتي سامان پاڻ سان گڏ کڻي ويو هو.