نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي سردار ڪمال خان بنگالي جي اڳواڻي ۾ بلوچستان جي 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وفد وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم يقين ڏياريو ته نگران حڪومت طرفان بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون.