نگران وزيراعظم جي سربراهي ۾ بجلي جي وڌيڪ بلن بابت اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ بجلي جي وڌيڪ بلن بابت اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو گذريل ڏينهن ٿيندڙ اجلاس ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي هئي پر 2 ڪلاڪن کان وڌيڪ هلندڙ اجلاس ۾ بجلي بلن جي ستايل عوام کي فوري طور تي ريليف ڏيڻ جو فيصلو نه ٿي سگهيو هو بجلي جي قيمتن ۾ لاٿ بابت اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو جنهن ۾ جولاءِ جي وڌيڪ بلن جي مسئلي تي صوبائي وڏن وزيرن سان تفصيلي مشاورت ڪئي ويندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بجلي جي قيمتن ۾ لاٿ جي لاءِ پڪن قدمن جون تجويزون ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ طلب ڪيون آهن گذريل ڏينهن جي بجلي جي قيمتن بابت اجلاس ۾ چيو ويو هو ته ائين ممڪن نه آهي ته عام ماڻهو مشڪل ۾ هجي ۽ آفيسر شاهي ۽ وزيراعظم انهن جي ٽيڪس تي مفت بجلي استعمال ڪن. نگران حڪومت پنهنجي مينڊيٽ جي اندر رهندي جلد کان جلد عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي.