نگران وزيراعظم جي نالي جي چونڊ جو اڄ آخري ڏينهن آهي

نگران وزيراعظم جي مقرري تي شهباز شريف ۽ راجا رياض اڄ ٻيهر ملاقات ڪندا. ميڊيا رپورٽن موجب نگران وزيراعظم جي نالي جي چونڊ جو اڄ آخري ڏينهن آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، ٻئي اڳواڻ اڄ منجهند 2 وڳي ملاقات ڪندا. ذريعن موجب جيڪڏهن ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق ٿيو ته نگران وزيراعظم جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو، جيڪڏهن اتفاق نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي حوالي ڪيو ويندو ذريعن موجب 8 رڪني پارلياماني ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ نگران وزيراعظم جي نالن تي غور ڪندي، پارلياماني ڪميٽي ۾ اتفاق راءِ نه ٿيڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم جي حتمي نالي جو اعلان ڪندي ياد رهي ته گذريل ڏينهن صدر مملکت ڊاڪٽر عارف علوي نگران وزيراعظم جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٽوڙيل قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض احمد کي خط لکيو هو صدر وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو ڏيڻ جو چيو. عارف علوي چيو ته مون وزيراعظم جي مشوري جي منظوري ڏني ۽ 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ 12 آگسٽ تائين مناسب نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪن. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 224 اي تحت صدر نگران وزيراعظم جي مقرري وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مشوري سان ڪندو آهي، وزيراعظم جو نالو تجويز ڪرڻو پوندو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر کي نگران وزيراعظم لاءِ خط لکڻ جي جلدي آهي. مون وٽ وزيراعظم جي حيثيت ۾ پورا 8 ڏينهن آهن، صدر کي آئين پڙهڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن 3 ڏينهن ۾ ڪو فيصلو نه ٿيو ته پارلياماني ڪميٽي نالو فائنل ڪندي.