لاهور هاءِ ڪورٽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جسٽس شاهد بلال حسن نگران وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم جي مقرري 90 ڏينهن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ غير موثر ٿي چڪي آهي. آئيني طور تي انوارالحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم نه رهيو آهي ان ڪري عدالت نگران وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ جا حڪم جاري ڪري ٻئي طرف وفاقي حڪومت جي وڪيل درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ته اهڙي نوعيت جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي جنهن کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.