نگران وزيراعظم ڪير ٿيندو؟ وزيراعظم ۽ اپوزيشن اڳواڻ ۾ مشاورت اڄ ٿيندي

ملڪ : ۾ عبوري حڪومت جا انتظام ڏسڻ جي لاءِ نگران وزيراعظم جي مقرري تي مشاورت جو سلسلو جاري آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن اڳواڻ وچ ۾ نگران وزيراعظم جي معاملي تي مشاورت اڄ ٿيندي ان حوالي سان اپوزيشن اڳواڻ راجا رياض چيو هو ته نگران وزيراعظم جي معاملي تي ڪوبه ڊيڊ لاڪ نه آهي پوري ڪوشش هوندي ته وزيراعظم سان گڏ نگران جو نالو فائنل ڪري ڇڏيون پاڪستان پيپلز پارٽي نگران وزيراعظم جي لاءِ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني ۽ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان تصدق حسين جيلاني جو نالو تجويز ڪيو آهي جڏهن ته مسلم ليگ(ن) طرفان اڃان تائين نالا سامهون نه اچي سگهيا آهن اسيمبلي ٽوڙڻ کان پوءِ نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪرڻ جي لاءِ 3 ڏينهن جو وقت آهي. 3 ڏينهن ۾ نالو فائنل نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي وٽ هليو ويندو پارلياماني ڪميٽي 3 ڏينهن جي اندر نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪندي. پارلياماني ڪميٽي به فيصلو نه ڪري سگهي ته معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ ويندو. اليڪشن ڪميشن ڏنل نالن مان 2 ڏينهن اندر نگران وزيراعظم جي نالي جو اعلان ڪندو.