نگران وزير اورنج لائن ٽرين جا ڀاڙا وڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

پنجاب : جي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير ابراهيم مراد اورنج لائين ٽرين جا ڀاڙا وڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نگران حڪومت اورنج لائين تي سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو پنجاب جي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير ابراهيم مراد جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ صوبائي وزير کي مئنيجر بزنس ڊولپمينٽ ايم ٽي اي پنجاب محمد تيمور تفصيلي بريفنگ ڏني.
اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ پنجاب احمد جاويد قاضي، سيڪريٽري پي ايم اي، مئنيجر بزنس ڊولپمينٽ پي ايم اي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اورنج لائن ٽرين، پاڪستان ميٽرو بس، لاهور ميٽرو، ملتان ميٽرو، لاهور ۽ ملتان فيڊر بسن تي سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ابراهيم مراد جو چوڻ آهي ته سرڪاري ادارا پنهنجي سبسڊي جو بار ختم ڪن ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي پنهنجو مالي بار پاڻ کڻڻ گهرجي ماس ٽرانزٽ اٿارٽي پنجاب کي ان جي ڀرپور صلاحيت سان ڪمرشلائيز ڪري هر سال 2 کان 3 ارب رپيا گڏ ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن کاتي جي آمدني وڌي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي منصوبن تي سبسڊي جو بار ضرور گهٽ ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته ماس ٽرانزٽ اٿارٽي پاران هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ روزانو 7 کان 8 لک ماڻهو سفر ڪن ٿا ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ڪمرشل استعمال لاءِ هينئر تائين 1 ملين رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. ماس ٽرانزٽ اٿارٽي پنجاب جي فنانشل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪري هر سال 2 کان 3 ارب رپيا گڏ ڪري سگهجن ٿا. پنجاب جي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير ابراهيم مراد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي اهو به چيو ته ڀاڙن ۾ هڪ رپيو واڌ کانسواءِ سبسڊي گهٽائي صفر ڪئي ويندي.