پاڪستان تحريڪ انصاف کي جاري ڪيل چونڊ ٽڪيٽن جو تحقيقي جائزو وٺڻ سان خبر پئي ٿي ته 93 اهڙن اميدوارن کي ٽڪيٽ جاري ڪيا ويا آهن جيڪي رشتي ۾ پيءُ، پٽ، پيءُ ڌيءَ، ڀاءُ، ڀيڻ، ماما، ڀاڻيجا، چاچا، ڀائٽيا، سئوٽ ماسات آهن ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) به پنهنجي چونڊ ٽڪيٽن ۾ 38 ويجهن مائٽن کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا. تحريڪ انصاف رحيم يار خان مان رئيس محبوب کي قومي ۽ سندس پٽ رئيس حمزه محبوب کي صوبائي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي ملتان مان اڳوڻي ايم اين اي مخدوم زين قريشي ۽ سندس ڀيڻ مهربانو قريشي کي قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. اٽڪ مان اڳوڻي ايم اين اي ميجر(ر) طاهر صادق، سندس ڌيءَ اڳوڻي ايم اين اي ايمان وسيم ٻنهي کي قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي لودهران مان اڳوڻي ايم اين اي پير اقبال شاهه کي قومي ۽ ان جي پٽ ايم پي اي عامر اقبال شاهه کي صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. وهاڙي مان اڳوڻي ايم اين اي اورنگزيب ڪڇي ۽ ان جي ڀاءُ اڳوڻي ايم پي اي جهانزيب ڪڇي کي قومي ۽ صوبائي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن راجنپور مان اڳوڻو ايم اين اي اورنگزيب ڪڇي ۽ ان جي ڀاءُ اڳوڻو ايم پي اي جهانزيب ڪڇي کي قومي ۽ صوبائي جون ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن. راجنپور مان ٻن ڀائرن اڳوڻي ايم پي اي احمد علي دريشڪ ۽ عاطف علي دريشڪ کي قومي اسيمبلي جون ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن سندس سئوٽ اڳوڻو ايم پي اي اويس دريشڪ به صوبائي اسيمبلي جو اميدوار هوندو وهاڙي مان ٻن ڀينرن عائشه نذير جٽ ۽ عارفه نذير جٽ کي قومي ۽ صوبائي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. لاهور مان اڳوڻو ايم اين اي ڪرامت کوکر ۽ سندس ڀائٽيو اڳوڻو ايم اين اي ظهير عباس کوکر قومي اسيمبلي جا اميدوار هونداملتان مان اڳوڻي ايم اين اي ملڪ عامر ڊوگر کي قومي ۽ ان جي ڀاءُ ملڪ عدنان ڊوگر کي صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي.