پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز دعويٰ ڪئي آهي ته مسلم ليگ(ن) جا سمورا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا.پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته مسلم ليگ(ن) جو ووٽر ٻاهر نڪري رهيو آهي جيڪو خوشي جوڳو قدم آهي. مسلم ليگ(ن) جا سمورا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا. هن چيو ته اسان جو مشن نوازشريف جي وزن کي اڳيان وڌائڻ آهي. نوازشريف جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ(ن) عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشان آهي.پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ پنجاب جي عوام کي رليف ڏنو پنجاب ۾ جلد ليپ ٽاپ ۽ آئي پيڊ اسڪيم متعارف ڪرائينداسين. ياد رهي ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 21 تڪن ۾ ضمني چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي.