(ن) ليگ جي جلسي کان واپسي تي ليگي اڳواڻ محمودالحسن روڊ حادثي ۾ فوت

آزاد ڪشمير جي علائقي اسلام ڳڙهه ويجهو گاڏي اونڌي ٿيڻ سبب آزاد ڪشمير جو اڳوڻو سيڪريٽري ڊاڪٽر راجا محمودالحسن فوت ٿي ويو پوليس موجب راجا محمودالحسن لاهور ۾ مسلم ليگ(ن) جي جلسي ۾ شرڪت ڪري واپس اچي رهيو هو ته ان دوران اسلام ڳڙهه ويجهو سندس گاڏي اونڌي ٿي وئي پوليس موجب حادثي ۾ اڳوڻو آزاد ڪشمير جو سيڪريٽري ڊاڪٽر راجا محمودالحسن موقعي تي فوت ٿي ويو ياد رهي ته چئن سالن جي جلا وطني کان پوءِ لنڊن مان پاڪستان موٽندڙ ميان محمد نوازشريف 21 آڪٽوبر تي لاهور ۾ مينار پاڪستان تي جلسو ڪيو جنهن ۾ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز، حمزه شهباز مريم اورنگزيب سميت(ن) ليگ جا ٻيا اڳواڻ شامل هئا.