اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن پاران لکيل خط جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف سپريم ڪورٽ پهتو، جتي هن چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان وچ ۾ چيف جسٽس جي چيمبر ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ قانون واري وزير نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ به شرڪت ڪئي چيف جسٽس سان وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات هڪ ڪلاڪ 25 منٽ جاري رهي، وزيراعظم شهباز شريف سپريم ڪورٽ روانو ٿي ويو آهي. ذريعن موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ فل ڪورٽ اجلاس ٻيهر طلب ڪري ورتو، سمورن ججن جي ملاقات 4 وڳي چيف جسٽس آف پاڪستان جي چيمبر ۾ ٿيندي واضح رهي ته 26 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن عدالتي ڪم ۾ ڳجهن ادارن جي مبينا مداخلت ۽ دٻاءُ بابت سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس سمن رفٽ امتياز تي ٻڌل ٻڌڻي ڪئي ياد رهي ته ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس ڪالهه چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ ان معاملي جو جائزو ورتو ويو. ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي اٽارني جنرل چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات ڪئي هئي.