هائوسنگ سوسائٽي جي معاملي تي جن آفيسرن روڪ رقم کنئي انهن جو به ڪورٽ مارشل ڪيو وڃي: عمر ايوب

 قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته جنرل فيض حميد جي ڪورٽ مارشل تي قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمر ايوب چيو ته نجي هائوسنگ سوسائٽي جي معاملي تي جن آفيسرن روڪ رقم کنئي انهن جو به ڪورٽ مارشل ڪيو وڃي. اپوزيشن اڳواڻ دفاع واري وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته خواجه آصف کي ڪنهن ڳالهه جي خبر نه آهي، انهي کي جي ايڇ ڪيو وٽ وڃڻ وڃڻ نه ڏنو ويندو آهي، اهو صرف نالي جو دفاع وارو وزير آهي. ٻئي طرف شبلي فراز چيو ته اسان جي پي ٽي آءِ باني سان طئي ٿيل ملاقات هئي، جيڪا نه ڪرڻ نه ڏني وئي، جيل جي سپرنٽينڊنٽ ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ طرفان ڌمڪيون ڏنيون ويون، اسان کي چيو ويو ته جيڪڏهن سياسي ڳالهيون ٿيون ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو.