هاڻ حڪومت ۾ اچڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي: عمران خان نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 پي ٽي آءِ باني عمران خان نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اڊيالا جيل روالپنڊي ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي مخصوص سيٽن جي فيصلي بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته هاڻ حڪومت ۾ اچڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي، اسٽيبلشمينٽ کي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻيون پونديون. مخصوص سيٽون ملڻ کان پوءِ ڪنهن جوڙ توڙ جو حصو نه بڻجنداسين. ملڪ بچائڻو آهي ته ان جو هڪڙو ئي رستو صاف، شفاف چونڊون آهن. ايندڙ سال جو بجيٽ موجوده بجيٽ کان وڌيڪ سخت هوندو. عوام تي ٽيڪسن جي برسات ڪئي پئي وڃي ڳالهين بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان ڳالهين لاءِ تيار آهيان، پر اسان جون 3 شرطون آهن. پهريون شرط منهنجي مٿان سمورا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻيو شرط اسان جي ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي. ٽيون شرط اسان جي مينڊيٽ کي واپس ڪريو. مان جنرل باجوه سان 2 ڀيرا ڳالهيون ڪيون. اسان انهي وقت اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ شاهه محمود قريشي تي ٻڌل 3 رڪني ڪميٽي ٺاهي انهي وقت اسان کي ٻڌايو ويو ته وڏو صاحب چونڊون نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي پي ٽي آءِ باني  چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪالهوڪي فيصلي جي آجيان ڪريان ٿو. فيصلو اهم اڳڀرائي آهي جنهن سان عوام کي اميد ملي آهي، الله جو شڪر آهي سپريم ڪورٽ جي جج رول آف لا لاءِ بيهي رهيا آهن. رول آف لا ۾ طاقتور قانون جي هيٺيان هوندو آهي هن چيو ته جسٽس منير طاقتور جي سامهون گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا، سڀني کي خبر هئي اسٽيبلشمينٽ ۽ قاضي فائز ڪٿي بيٺل آهن. اسان کي چونڊون وڙهڻ ئي نه ڏنيون ويون. اسان جي اميدوارن کي ڪاغذ جمع ڪرائڻ به نه ڏنا ويا. قاضي فائز عيسيٰ اسان کان پارٽي جو نشان ڦري ورتو. اسان جي اميدوارن کي هڪ تڪ مان چار چار نشان الاٽ ڪيا ويا. پي ٽي آءِ باني چيو ته اسان کي هاڻ ڊپ آهي ته تڪ نه کوليا وڃن، خاص طور تي اسلام آباد جا 3 تڪ، (ن) ليگ هميشه امپائر سان گڏجي کيڏندي آهي. نوازشريف تصديق ٿيل ڏوهاري ۽ مفرور آهي ان جا سمورا ڪيس ڪيئن ختم ٿي ويا؟ عمران خان چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان منهنجو سوال آهي ته ڇا کيس اخلاقي طور تي منهنجي ڪيسز ۾ ويهڻ گهرجي، جسٽس گلزار جي پنج رڪني بينچ چيو هو ته قاضي فائز عيسيٰ کي منهنجا ڪيسز نه ٻڌڻ گهرجن. چيف جسٽس جي گهر واري جا منهنجي خلاف ڏنل بيان آن رڪارڊ آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر کي جيڪڏهن ٿورو به شرم آهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي انهي تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي. پي ٽي آءِ باني چيو ته اسان جون 8 فيبروري ۽ هيومن رائٽس جون پٽيشنز ڇو نه پيون ٻڌيون وڃن. مون چيف جسٽس آف پاڪستان کي اهڙين پٽيشنز تي خط به لکيو هو. هن چيو ته 8 فيبروري جو ڌاڙو نٿو وساري سگهجي. آمريڪي ڪانگريس به چئي رهي آهي ته فراڊ اليڪشن ٿي. مان هڪ سال کان جيل ۾ آهيان صرف 3 ڊش کائي رهيو آهيان، ڪتابون پڙهندو آهيان، ورزش ڪندو آهيان ۽ عبادت ڪندو آهيان، بک هڙتال ڪندس ۽ اسان عالمي سطح تي مسئلا اٿارينداسين جيل ۾ آفيسرن جون بدليون آءِ ايس آءِ ڪرائي رهي آهي، انهن جو خيال آهي ته مان ڊڄي ويندس پر مان کين ٻڌايان ته مان ڊڄڻ وارو نه آهيان منهنجي ڪمري ۾ هڪ ٻلي ايندي هئي جيڪا مون وٽ هري وئي هئي، ٻڌو آهي ته هاڻ انهي جي به بدلي ڪري رهيا آهن. پارٽي اختلاف ختم ٿيڻ جي سوال تي عمران خان چيو ته پارٽي اختلاف اسان جو اندروني معاملو آهي ان کي ڇڏي ڏيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪارڪن عباد جو پٽ فوت ٿي ويو آهي، ان کي اڪيلائپ ۾ قيد ڪيو ويو. اسان جو مطالبو آهي ته عباس جو طبي معائنو ڪرايو وڃي. مون ٻڌو آهي ته عباد جيل ۾ آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي. راڻا ثناءُالله ڪهڙي حيثيت ۾ چئي رهيو آهي ته عمران خان کي اسان جيل ۾ رکيو آهي.