هندو برادري پاران هولي جو ڏڻ ملهايو پيو وڃي، رنگ هڻي محبت جو پيغام ڏنو

ڪراچي: سڄي دنيا جيان هندو برادري پاران مذهبي تهوار هولي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ، مٺي ۾ هندو برادري پاران شام جو پلي جي رسم ڪرشن مندر کان ڪڍي وئي.هولي پلي جي رسم شهر جي مختلف هنڌن کان ٿيندي هولي ٿلي تي پهتي جتي هولڪا کي جلايو ويو، پلي جي رسم جي آجيان بجير محلي مٺي ۾ ڪئي وئي.هولي هندومت ۾ هڪ مشهور ۽ اهم ڏڻ آهي جيڪو جوش سان ملهايو ويندو آهي، اهو رنگن جو، بهار جو ۽ محبت جو ميلو پڻ آهي.رسم جي شروعات مکيه ڏڻ واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ ٿيندي آهي.شرڪت ڪندڙ بهار جي آمد جو جشن ملهائڻ لاءِ هڪ ٻئي تي رنگين پاڻي ۽ پائوڊر اڇليندا آهن.