هن ڀيري قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪنهن به شخص کي واپس وڃڻ نه ڏجو: گهرو وزير جي اسلام آباد پوليس کي هدايت

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته هن ڀيري اسلام آباد ۾ قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪنهن به شخص کي واپس وڃڻ نه ڏجو.

گهرو وزير محسن نقوي  اڄ صبح جو سوير پوليس لائين اسلام آباد جو دورو ڪيو جتي هن امن جي قيام لاءِ اسلام آباد پوليس جي تعريف ڪئي. انهي موقعي تي آءِ جي اسلام آباد پوليس، چيف ڪمشنر، ڊي آءِ جي  ۽ پوليس آفيسرن جو وڏو انگ به پوليس لائين ۾ موجود هو.

پوليس لائين ۾ خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته ڪالهه بيلاروس جو وفد ۽ 25 نومبر تي بيلاروس جو صدر پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. دوري کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد کي هر صورت ۾ محفوظ رکڻو آهي. هن چيو ته پوليس فورس کي هڪ ٽيم جيان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ۽ امن امان کي يقيني بنائڻو آهي. اسلام آباد جو امن امان خراب ڪندڙ هر شخص کي گرفتار ڪرڻو آهي. هن ڀيري اسلام آباد ۾ قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪنهن به شخص کي واپس ناهي وڃڻ ڏيڻو.

گهرو وزير چيو ته اسان کي اوهان ۽ اوهان جون زندگيون تمام گهڻيون عزيز آهن. ڊيوٽي دوران حفاظتي سامان ضرور پائڻو آهي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻيون آهن. پوليس فورس کي هيلمٽ ۽ حفاظتي جيڪيٽ پائي فرض انجام ڏيڻا آهن. اسان اوهان سان گڏ آهيون ۽ هميشه اوهان سان گڏ رهنداسين.  محسن نقوي چيو ته ڪنهن کي به اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ڏينداسين امن امان کي قائم رکڻ، شهرين جي جان ۽ ملڪيت جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين.

ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي ۽ انهي حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري مطالبا منظور ٿيڻ تائين اسلام آباد مان واپس نه وينداسين.