هڪ مهينو اڳ هٿياربندن جي هٿان اغوا ٿي ويل مغوي گل محمد گولو بازياب ٿي گهر پهچي ويو

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ ڌاڙيلن جي هٿان هڪ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل مغوي گل محمد گولو آزاد ٿي گهر پهچي ويوڪاله کان مغوي گل محمد گولو جو پوڙهو پيء ننڍڙي معصوم ڌيء ساڻ ڪري 4 قرآن پاڪ سيني ۾ سانڊي ڪچي جي علائقي ۾ پٽ جي بازيابي لاء ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن تي وڃي پٽ جي بازيابي لاء روئندو رهيو ۔ پيء جي بيوسي ۽ قرآن پاڪ کي ڏسي گل محمد گولو کي ڌاڙيلن آزاد ڪري ڇڏيو مغوي گل محمد گولو جي بازيابي ٿيڻ تي گهرڀاتين عيد جهيڙو ماحول بڻجي ويو