واشنگٽن ۾ صدر ٽرمپ جي ميزباني ۾ اعليٰ سطحي اجلاس، وزيراعظم شهباز شريف سميت اهم مسلمان اڳواڻن جي شرڪت

واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ميزباني هيٺ هڪ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف، ترڪي، قطر، سعودي عرب، انڊونيشيا، مصر ۽ متحده عرب امارات جا سربراهه شريڪ ٿيا۔ اجلاس ۾ غزه ۾ جاري جنگ کان پوءِ امن، گورننس ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال تي غور ڪيو ويو۔ اجلاس کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله دوئم ۽ انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان پڻ ٿي، جنهن ۾ گرمجوشي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ صدر ٽرمپ ۽ مسلمان اڳواڻن خطي ۾ امن، تعاون ۽ عالمي مسئلن تي غير رسمي خيالن جو ڏي وٺ ڪيو۔ آمريڪي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ مسلمان ملڪن تي زور ڏنو ته هو غزه ۾ امن جي قيام لاءِ عملي ڪردار ادا ڪن، اسرائيلي انخلا کان پوءِ تعمير نو ۽ اقتدار جي منتقلي ۾ مالي مدد به مهيا ڪن۔ ٽرمپ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته فلسطيني رياست کي مڃڻ اصل ۾ حماس جي ظلمن کي انعام ڏيڻ برابر هوندو، جڏهن ته آمريڪا غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي جو خواهشمند آهي۔ اجلاس ۾ مسلمان اڳواڻن پنهنجو موقف پيش ڪيو پر ڪنهن گڏيل لائحه عمل جو اعلان نه ڪيو ويو۔ اجلاس کان پوءِ صدر ٽرمپ هن ملاقات کي “ڪامياب” قرار ڏنو ۽ چيو ته غزه مسئلي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي۔ آخر ۾ صدر ٽرمپ ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ خوشگوار ماحول ۾ غير رسمي ڳالهيون به ٿيون۔