لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته جڏهن هوءَ سياست ۾ داخل ٿي ته سندس والد نوازشريف ٻڏتر جو شڪار هئا ۽ خوش نه هئا، پر اڄ کيس يقين آهي ته نوازشريف سندس ڪيل ڪمن تي فخر ڪندا. تفصيل موجب پاڪستان نيوي وار ڪاليج جي 55هين اسٽاف ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات دوران مريم نواز ٻوڏ جي ڏينهن ۾ امدادي سرگرمين تي پاڪستان نيوي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته: “ريسكيو ۽ رليف آپريشن ۾ پاڪستان نيوي هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي سموري قوم انهن جي شڪري گذار آهي.” مريم نواز چيو ته: ڌيئرن کي موقعا، اعتماد ۽ حوصلو ڏيو، اهي ضرور اڳتي وڌنديون ۽ ملڪ لاءِ وڏو ڪم ڪنديون. قوم کي ورهائيندڙن کي ووٽ نه ڏيو، ووٽ هميشه خدمت ۽ عملي ڪم جي عيوض ڏيو. پنجاب کي عورتن لاءِ محفوظ ترين بڻائڻ منهنجي ترجيح آهي. بحيثيت وزيراعليٰ ماضي جون روايتون ٽوڙيون ۽ نون آئيڊياز کي هٿي ڏني. پاڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ مون کي ڀائرن کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي. هن وڌيڪ چيو ته: “وقت سان گڏ مون سياسي معاملن کي سمجهڻ شروع ڪيو ۽ هاڻي پوري يقين سان چوان ٿي ته منهنجو والد نوازشريف منهنجي سياسي ڪردار تي فخر ڪندا.”