آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ٻيو وڏو اپ سيٽ ٿي ويو، نيڌرلينڊز جي ٽيم ڏکڻ آفريقا کي 38 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي ڌرم شالا ۾ برسات جي مداخلت سبب ٻنهي ٽيمن جي اننگز 43_43 اوورن تائين محدود ڪئي وئي، ڏکڻ آفريقا ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو، دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي نيڌرلينڊز مقرر 43 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهيون نيڌرلينڊز جيي ڪپتان اسڪاٽ ايڊوارڊز 78 رنسن جي اننگز کيڏي، وان ڊر ماروي 29، آريان دت 23، ندامانارو 20 رنسون ٺاهيون ڏکڻ آفريقا طرفان نگيڊي، جينسن، ربادا 2_2 وڪيٽون ورتيون جواب ۾ ڏکڻ آفريقي بيٽر نيڌرلينڊز جي بالرن اڳيان بي وس نظر آيا ۽ سموري ٽيم 42.5 اوورن ۾ 207 رنسن تي ڍير ٿي وئي ڪپتان باووما 16، ڊي ڪوڪ 20، وان ڊر ڊوسن 4، مارڪرم هڪ، ڪلاسين 28، ڊيوڊ ملر 43، جينسن 9، ڪوٽزي 22، ربادا 9، مهاراج 40، نگيڊي 7 رنسون ٺاهيون نيڌرلينڊز جي بيڪ 3، ميڪرين، وان ڊر ماروي ۽ ليڊي 2_2 وڪيٽون ورتيون ياد رهي ته ان کان اڳ افغانستان جي ٽيم به دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي اپ سيٽ شڪست ڏني هئي.