ورلڊ ڪپ 2023 جو اهم مقابلو: پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون

ورلڊ ڪپ 2023 جو سڀني کان وڏو اهم مقابلو اڄ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ احمدآباد ۾ ٿيندو پاڪ ڀارت ميچ کان اڳ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته اسان ڀارت کي شڪست ڏئي چڪا آهيون هن وقت به ڀارت کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ڀارت جي خلاف ڪارڪردگي ۾ وڏو فرق نظر ايندو ڀروسي سان ميدان ۾ لهنداسين ڀارتي ڪپتان روهيت شرما پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي مان متاثر ٿيندي اهو ٻڌائيندي رهي نه سگهيو. هن چيو ته ٻئي ٽيمون برابر جي حيثيت رکن ٿيون. ڪابه ٽيم فيوريٽ نه آهي. پاڪستان گذريل ٻن ميچن ۾ سٺي پرفارمنس ڏيکاري آهي. نٿو لڳي ته ٽاس جو ميچ تي ايترو وڏو فرق پوندو