وزيراعظم جي ملڪي ادارن جي نجيڪاري جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت

تفصيلن مطابق، وزيراعظم شهباز شريف نجڪاري جي عمل ۽ نگراني سان لاڳاپيل اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته ادارن جي نجڪاري حڪومت جي اڑان پاڪستان اقدام جو حصو آهي، ۽ قانوني رڪاوٽون دور ڪرڻ لاءِ سٺي شهرت وارن وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، پر سيڙپڪاري لاءِ سهولت مهيا ڪرڻ آهي. بروقت اصلاحات سان ئي معيشت تيزي سان بهتري جي طرف وڌندي. پاڪستان جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن هدايت ڪئي ته مقرر ڪيل ادارن جي نجڪاري جي عمل کي شفافيت تي سمجھوتو ڪڻ کان سواءِ تيز ڪيو وڃي، ۽ نجڪاري جي عمل جي خود نگراني ڪري رهيو آهيان، ڪنهن به قسم جو تعطل قبول ناهي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف نجڪاري جي عمل جي نگراني لاءِ ٺاهيل ٽاسڪ مينيجمينٽ ڊيش بورڊ جو به جائزو ورتو. ياد رهي ته حڪومت پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ۽ نجڪاري لاءِ هن مهيني ۾ ايڪسپريشن آف انٽرسٽ جاري ڪيو ويندو. اتحاد ۽ قطر ايئر لائنز پي آءِ اي خريدڻ ۾ دلچسپي نٿا رکڻ.