وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سان رابطو ڪري اتي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف آزاد جمون، ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ وزيراعظم آزاد ڪشمير چوڌري انوارالحق سان رابطو ڪري انهي کي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪندي معاملي جي حل ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي. شهباز شريف چيو آهي ته سمورين پارٽين تي زور ڏيان ٿو، مطالبن جي حل لاءِ پرامن طريقي جو سهارو وٺنداسين. هن چيو ته قانون کي هٿ ۾ کڻڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان افراتفري جي صورتحال ۾ ڪجهه ماڻهو سياسي پوائنٽ اسڪور ڪرڻ ۾ جلدي ڪندا آهن. شهباز شريف چيو ته ڊائيلاگ، بحث ۽ پرامن احتجاج جمهوريت جو حسن آهي، اميد آهي ته معاملو جلد حل ٿي ويندو. وزيراعظم مسلم ليگ(ن) آزاد ڪشمير جي سمورن عهديدارن کي به ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.