وزيراعظم شهباز شريف اڄ صدر آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ڪندو. وزيراعظم اڄ شام جو ساڍي 5 وڳي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو. انهي اهم ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون وينديون. ٻئي طرف حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو اڄ کان شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ اپوزيشن طرفان چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪرڻ جو چيو ويو آهي. حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي ڪميٽين وچ ۾ اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، ايندڙ اجلاس هاڻ 2 جنوري 2024 تي ٿيندو.