تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف اڄ دوحا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو.وزيراعظم پاڪستان ۽ قطر جي وفدن جي سطح تي ڳالهين ۾ وفد جي قيادت ڪندو.وزيراعظم قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان به ملاقات ڪندو.قطر بزنس مينز ايسوسي ايشن جو هڪ وفد به وزيراعظم سان ملاقات ڪندو ۽ قطر ميوزيم ۾ ”لينڊ اسڪيپ آرٽ نمائش“ جو دورو ڪندو.وزيراعظم ميوزيم ۾ 1940ع کان پاڪستان ۾ فن ۽ فن تعمير جو افتتاح ڪندو، وفاقي وزير خواجا آصف، ڄام ڪمال، محمد اورنگزيب ۽ عطاءُ تارڙ به وزيراعظم سان گڏ آهن.ڪالهه خميس ڏينهن جڏهن وزيراعظم ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهتو ته دوحا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قطر جي مملڪتي وزير سندس استقبال ڪيو.