وزيراعظم شهباز شريف جون هدايتون: دريائن ۾ ٻوڏ صورتحال، فوري امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ـ وزيراعظم شهباز شريف چناب، ستلج ۽ راوي دريائن ۾ ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل ادارن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. وزيراعظم وفاقي وزيرن کي حڪم ڏنو ته اهي فوري طور پنجاب جي متاثر علائقن جو دورو ڪري امدادي ڪمن جي نگراني ڪن، جڏهن ته دريائي گذر گاهن جي ڪناري آباد ماڻهن کي جلد کان جلد محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي. شهباز شريف زور ڏنو ته ادارا پاڻ ۾ رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي امدادي ڪارروايون تيز ڪن. وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۽ ٻين ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم به جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم چيئرمين اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته پي ڊي ايم اي سان مڪمل سهڪار ڪندي خطري وارن علائقن مان ماڻهن کي فوري طور محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.ٻوڏ ۽ امدادي ڪاررواين بابت جائزو اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب سخت متاثر ملڪن مان آهي. هن ياد ڏياريو ته 2022 جي ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، جڏهن ته هاڻوڪي برساتن ۽ دريائن ۾ چاڙهه سبب وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿي رهيو آهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هن ڀيري خاص طور خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ سبب گهر اجڙي ويا آهن، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ وڏو چيلينج آهي، ۽ ان لاءِ گڏيل قومي ڪوششن جي ضرورت آهي.