وزيراعظم شهباز شريف جي روسي صدر سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. قازقستان جي گادي واري شهر ۾ ٿيندڙ انهي ملاقات ۾ وزيراعظم روسي صدر سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اوهان سان ٻيهر ملاقات ٿيڻ خوشي جو سبب آهي جنهن تي روسي صدر چيو ته 2 سال اڳ اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي سمرقند ۾ مليا هئاسين جتي اسان ٻنهي ملڪن جي گڏيل دلچسپي جي معاملن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون هيون روسي صدر چيو ته اسلام آباد ۽ ماسڪو وچ م لاڳاپا بهترين سطح تي آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري رابطن جي بدولت ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اسان پنهنجي تعاون کي وڌيڪ وڌائي سگهون ٿا. اهڙي طرح غذائي تحفظ جي شعبي ۾ به پاڪستان سان تعاون ۾ اضافو ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ڪونسل آف بيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آستانا پهتو جتي هن روسي صدر سان ملاقات ڪئي آهي. شهباز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا جيو پوليٽيڪل صورتحال کان متاثر نه ٿيندا. اسان روس سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جا خواهشمند آهيون ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو حجم هڪ ارب ڊالر تائين وڌائڻ چاهيون ٿا. هن چونڊن ۾ ڪاميابي تي به روسي صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف قازقستان جي گادي واري شهر ۾ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو جتي هو ڪونسل جي اجلاس ۾ علاقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪرڻ کان علاوه ڪانفرنس کي خطاب به ڪندو.