وزيراعظم شهباز شريف سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻين جي پگهارن ۾ اضافي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

 وزيراعظم شهباز شريف سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻين جي پگهارن ۾ اضافي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي پگهارن ۾ اضافي جو فوري طور تي نوٽيس وٺندي اسپيڪر ۽ چيئرمين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم رپورٽ جي روشني ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي پگهارن ۾ اضافيجو فيصلو ڪندو. ياد رهي ته اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين سميت ميمبرن جي پگهارن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن سان اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي پگهار لکين روپيه ٿي وئي آهي جڏهن ته حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي لاءِ 10 سيڪڙو تائين پگهارن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي طرف دفاع واري وزير ۽ ليگي اڳواڻ خواجه آصف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين سميت ٻين جي پگهارن ۾ اضافي تي عوام تنقيد کان پوءِ انهي کي معاشي فحاشي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجه آصف پگهارن ۽ مالي مراعات ۾ اضافي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.