وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف زرداري جي استعيفائن بابت خبرن جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري کان استعيفيٰ وٺڻ يا آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر بنجڻ جي خواهش بابت سمورين افواهن کي سختي سان رد ڪندي انهن کي بي بنياد ۽ افواهن تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو آهي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چٽن لفظن ۾ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ڪڏهن به صدر بنجڻ جي خواهش ظاهر ناهي ڪئي نه ئي اهڙي ڪا تجويز غور هيٺ آهي. هن زور ڏيندي چيو ته صدر آصف علي زرداري، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ مان پاڻ، ٽنهي جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام ۽ پاڪستان جي ترقي، خوشحالي جي گڏيل ارادن تي ٻڌل آهن وزيراعظم شهباز شريف يقين ڏياريندي چيو ته ميڊيا جي ڪجهه حلقن ۾ صدر آصف علي زرداري جي استعيفيٰ بابت هلندڙ خبرن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي اها وضاحت اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آفيشنل ايڪس(اڳوڻي ٽوئٽر) تي بيان جاري ڪندي صدر زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جي خلاف هلندڙ مهم کي منظم سازش قرار ڏيندي انهي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي عسڪري قيادت سان ويجهو سمجهيو ويندڙ محسن نقوي چيو ته اسان کي چڱي ريت خبر آهي ته انهي منظم مهم جي پٺيان ڪير آهي، مان واضح ڪري چڪو آهيان ته صدر کان استعيفيٰ وٺڻ يا چيف آف آرمي اسٽاف جي صدر بنجڻ جي باري ۾ ڪابه ڳالهه ناهي ٿي ۽ نه ئي اهڙي ڪا سوچ موجود آهي.