اسلام آباد: وزيراعظم جي صلاحڪار قمرالزمان ڪائره چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف نگران سيٽ اپ جي لاءِ مشاورتي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي قمرالزمان ڪائره چيو ته وزيراعظم اتحادين سان مشوري کان پوءِ اپوزيشن اڳواڻن سان مشاورت ڪندو هن چيو ته چونڊ اصلاحات ڪجهه ڏينهن ۾ ٿي سگهي ۽ ٿيڻ به گهرجي پراڻي چونڊ رولز تي ئي چونڊون ٿيڻ گهرجن اليڪشن ڪميشن پراڻي آدمشماري تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي اليڪشن ڪميشن پراڻين تڪ بندين تي ڪم شروع ڪري چڪو آهي تڪ بنديون ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي چار مهينا گهرجن جيستائين نئين آدمشماري نوٽيفاءِ نٿي ٿئي نئين تڪ بندين جو سوچي به نٿا سگهون ںقمرالزمان ڪائره چيو ته سياسي پارٽيون جيڪڏهن اصلاحات بهتر سمجهن ٿيون ته فوري طور تي مشاورت کان پوءِ قانون سازي ڪن هن وڌيڪ چيو ته سياسي عهدن کي سياستدان ئي هلائي سگهن ٿا اهو انهن جو ڪم آهي ملڪ جو سڀني کان وڏو سياسي عهدو وزيراعظم جو آهي وزيراعظم جي عهدي تي ڪنهن جج، جرنيل، بيورو ڪريٽ، ٽيڪنو ڪريٽ، صحافي يا ڪارپوريٽ جو ڪو ماڻهو لڳايو وڃي ته اهو هن عهدي تي ڪم نه ڪري سگهندو وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ ۾ ڪنهن جج جي سيٽ خالي هجي ۽ ان تي مون جهڙي ماڻهو کي جيڪڏهن جج لڳايو وڃي ته مان اتي ڪهڙو انصاف ڪري سگهندس ڪنهن انتظامي عهدي تي اوچتو ڪنهن جج کي ويهاريو وڃي جنهن کي تجربو نه هجي اهو ڪم نه ڪري سگهندو وزيراعظم آفيس جون تمام گهڻيون ذميواريون هونديون آهن وزيراعظم هجي، مسٽرز هجن يا چيف منسٽر هجي ان تي سياسي ماڻهن کي اچڻ گهرجي ٻين جي لاءِ رستا نه کولڻ گهرجن