وزيراعظم شهباز شريف يوٿ پروگرام تحت ملندڙ قرض واري رقم 5 لک مان وڌائي 15 لک ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جي تحت قرض جي رقم وڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار واري معاملي تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين شهباز شريف کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي سهوليتون ڏيڻ لاءِ تفصيلي سروي جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جي تحت قرض جي رقم 5 لک مان وڌائي 15 لک ڪئي وڃي.وزيراعظم شهباز شريف چيو سهولتن کي عالمي گهرجن سان ملائڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن جي ماڊلز کي  لاڳو ڪرڻ يقيني بنايو وڃي. ننڍي پيماني جي ڪاروبار ۾ عورتن جي لاءِ خصوصي پيڪيج جوڙي انهي کي جلد پيش ڪيو وڃي.شهباز شريف چيو ته سڄي دنيا ۾ ايس ايم ايز معيشت جي ترقي ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. حڪومت نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ جي لاءِ ڪوشان آهي نوجوان ۽ عورتون نه صرف پاڻ روزگار ڪمائين پر روزگار جا وڌيڪ موقعا به پيدا ڪن.